SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سگهڙ ۽ شاعر


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سگهڙ ۽ شاعر

(Bard and Poet)

سگهڙسٺو گهڙيندڙ يعني سٺا بيت چوندڙ شاعر. سگھڙ ۽ شاعر ۾ ٿورو فرق ھوندو اھي. سگھڙ، لوڪ ڏاھپ جي حوالي سان، پنھجي وجود ۽ وجود سان لاکاپيل سموري ادارڪ جي وجداني سطحن تي اظھار ڪندو اھي ۽ اھڙو اظھار مڪاني سطح تي ادبي ڪارج پورو ڪندو اھي ۽ شعر ۽ ادب جي مک وھڪري کان ھٽي به، مڪاني نوعيت جي هڪري واٽن کي متاثر ڪري پنھنجو مقام، عام ماڻھوءَ کان گھڻي قدر مختله رکڻ جي جاکوڙ ڪندو اھي. شاعر جو رتبو، سگھڙ کان انڪري بھ مٿڀرو ۽ مختلف اھي، جو ھن شروع ۾ سگھڙائپ واريون منزلون اڪريون اھن ۽ پنھنجي ادارڪ سان، جيڪو ھن ٻھراڙيءَ جي سونھن، رنگن ۽ ٻولن مان پرايو، انھن کي ٻھراڙين جي سطح کان مٿي کڻي، انھيءَ اھم ۽ وڏي گس تي اندو، جيڪو گس، عالمگير سطح تي پھچي به، ٻھراڙيءَ جي سونھن، رنگ ۽ ٻولن سان گفتگو ڪري ٿو. انھيءَ وڏي ادبي منزل تي پھچڻ لاءِ ھر سگھڙ وڏي جاکوڙ ڪئي آھي تھ شعر ۽ نغمي جا ڏکيا گس لتاڙي انھيءَ مارف تي پھچي. جيڪو وڏي ۽ ننڍي نظر رکندڙ، پاڙھوءَ (قاري) کي چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ اچي ۽ اس رکي ٿو تھ ھو بھ شاعر بڻجي ۽ پنھنجي اظھار کي ھر سوچ جو حصو بڻائي.


Remember Me Also:

ڊانڍ

ذ. باهه جو مچ ، وڏو ، آڙاههُ. اُلو ، شعلو ، ڀنڀٽ ، ڀَِڀَڙُ ، لاٽَ ، ڄڀي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal